پنجاب پوليس جا ٻه اعليٰ آفيسر چين ۾ هٿين پئجي ويا، گارگند

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب پوليس جا ٻه اعليٰ اهلڪار چين جي دوري دوران پاڻ ۾ اٽڪي پيا.
پوليس سروس آف پاڪستان جو 12 رڪني وفد پاڪ چين اڪنامڪ ڪوريڊور جي سيڪيورٽي جي گڏيل ٽريننگ پروگرام ۾ شرڪت لاءِ چين ۾ موجود هو.
ڏهن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ٽريننگ 12 جولاءِ تي ختم ٿي، جڏهن وفد جي قيادت اسپيشل برانچ راولپنڊي جو ايس ايس پي فضل حامد ڪئي.
ايس ايس پي سيد ڪرار حسين، ايس ايس پي محمد بن اشرف، ايس ايس پي اويس شفيق، ايس ايس پي انعم فريال، بشريٰ نثار، اي ايس پي ڪائنات اظهر، زينب خالد، سندس اسحاق، بينگل خان ۽ طيب وزير وفد جو حصو هئا.
ڪاشغر هوائي اڏي تي پنجاب پوليس جا ٻه اعليٰ آفيسرپاڻ وڙهي پيا جنهن ۾ آفيسرن هڪ ٻئي کي گاريون ڏينون، چيني اختيارين ۽ وفد ۾ شامل عورتن پوليس آفيسرن وچ ۾ پئي معاملي کي ٽاري ڇڏيو.
ٻئي پاسي آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور واقعي جو نوٽيس وٺندي سمورن آفيسرن کي اڄ پنهنجي آفيس طلب ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.