ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڊفينس ۾ ريونيو کاتي جي عورت ڊپٽي ڪمشنر تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار پوليس جي حراست مان فرار ٿي ويو.
پوليس موجب، 16 جولاءِ تي ڊفينس جي علائقي بدرڪمرشل ۾ بيوٽي پارلر جي عملي ۽ عورت ڊپٽي ڪمشنر وچ جهيڙي دوران بيوٽي پارلر جي مالڪ فائرنگ ڪئي هئي جنهن سبب ڊپٽي ڪمشنر سنيا شيخ جي ڀاءَ جو سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿي پيو هو.
واقعي جو ڪيس سنيا شيخ جي فرياد ۾ درخشان ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو ۽ بيوٽي پارلر جي مالڪ بلال صديقي کي گرفتار ڪيوويو هو.
جڏهن ته هاڻ پوليس جو چوڻ اهي ته جوابدار بلال صديقي کي عدالت ۾ پيشي کانپوءِ جيل منتقل ڪيو پئي ويو جنهن دوران هو فرار ٿي ويو آهي.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب، جوابدار جاچ ٽيم جي حراست مان فرار ٿيو آهي، ملوث اهلڪارن خلاف کاتي جي ڪارروئي ڪئي پئي وڃي ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن.
Prev Post
You might also like