اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان، افغانستان مان وڌندڙ دهشتگردي جي خطرن کي نظر ۾ رکندي افغانستان جي عبوري حڪومت کان پاڪستان لاءِ خطري جو سبب بڻجندڙ حافظ گل بهار ۽ ٻين دهشتگرد گروپن خلاف اثرائتي ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته حافظ گل بهادر گروپ ۽ ٽي ٽي پي پاڪستان خلاف افغان ڌرتي استعمال ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان، افغان اختيارين کي بنون ڇانوڻي تي حملي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، افغانستان کي پنهنجي ڌرتي تي موجود دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ بار بار چيو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان پنهنجي خدشن بابت افغان اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، هو افغان حڪومت کان مطالبو ڪن ٿا ته ڏوهارين خلاف فوري ڪارروائي ڪري.
هن چيو ته افغان عبوري حڪومت مستقبل ۾ اهڙن حملن کي روڪڻ يقيني بڻائي، بنون ڪينٽ جهڙا حملا ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي استحڪام کي نقصان پهچائن ٿا.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جهڙن دهشتگردن جي موجودگي علائقائي امن لاءِ سنگين خطرو آهي، عبوري حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته افغان ڌرتي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجي عوام جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان غزا ۾ جاري اسرائيلي ظلم جي مذمت ڪري ٿو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير 22 جولاءِ تي پاڪستان ايندو.
PAKISTAN MumtazZahraBaloch ForeignOffice