سنڌ ۽ لاهور بار پاران ايڊهاڪ ججن جي مخالفت، پاڪستان، پنجاب ۽ ڪي پي بار حامي

ڪراچي /اسلام آباد/لاهور(رپورٽر /بيورو/م ڊ) سنڌ ۽ لاهور بار ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. پنجاب، ڪي پي بار حمايت ڪئي آهي. سنڌ بار ڪائونسل ۽ 13 بار ايسوسئيشنن ايڊهاڪ  ججن بابت فيصلي جي مخالفت ڪري ڇڏي، بيان ۾ چيو ويو ته ايڊهاڪ ججن جي مقرري جڊيشل ڪميشن جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي. جوڊيشل ڪميشن 12 جولاءِ وارو فيصلو واپس وٺي. پاڪستان بار ڪائونسل، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب بار ڪائونسل چيو آهي ته هنن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات ڪئي ۽ کيس درخواست ڪئي ته سپريم ڪورٽ ۾ سياسي ڪيسن سبب عام شهرين جا ڪيس نه ٻڌا پيا وڃن. ان ڪري سپريم ڪورٽ کي آئين جي آرٽيڪل 182 تحت عارضي جج مقرر ڪرڻ گهرجن. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 19 آگسٽ تي بار ڪائونسلز جي ميمبرن جي درخواست تي جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس طلب ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ رٽائرڊ ججن جي عارضي مقرري کي ساراهيو، جنهن جي آئين ۾ به اجازت آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 19 تاريخ جو  جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ (پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته هي قدم) التوا واري ڪيسن کي جلد نمائڻ ۾ وڏي مدد ڪندو. پڌرنامي ۾ پاڪستان بار ڪائونسل وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي ۽ ملڪ ۾ آئيني عدالت قائم ڪئي وڃي جيڪا رڳو آئيني ۽ سياسي ڪيسن جي ٻڌڻي ۽ فيصلا ڪري سگهي. پڌرنامي ۾ پاڪستان بار ڪائونسل وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي ۽ ملڪ ۾ آئيني عدالت قائم ڪئي وڃي جيڪا رڳو آئيني ۽ سياسي ڪيسن جي ٻڌڻي ۽ فيصلا ڪري سگهي. هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ بار سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. وڪيل اڳواڻن چئني تجويز ڪيل ججن کان به مطالبو ڪيو ته ايڊهاڪ جج مقرر ٿيڻ کان انڪار ڪن. لاهور ۾ وڪيل اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صدر سپريم ڪورٽ بار حامد خان چيو ته آئين موجب ججن جي کوٽ جي صورت ۾ ئي ايڊهاڪ جج مقرر ٿي سگهن ٿا پر في الحال ججن جو تعداد پورو آهي. جسٽس (ر) مشير عالم وانگر ٻين ججن به انڪار ڪيو. سردار لطيف کوسي چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جو انگ وڌيڪ آهي ته توهان هڪ مهيني جي موڪل ڇو ورتي؟ لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي صدر اسد منظور بٽ به چيف جسٽس کان اهو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.