ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري کاتي گذريل ٻن ڏينهن دوران ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ وگهي 2 فوتگيون رپورٽ ڪيون آهن.
صحت کاتي موجب هيٽ اسٽروڪ سبب ٻه فوتگيون سول اسپتال ۾ رپورٽ ٿيون.
گذريل ڏينهن سرڪاري اسپتالن ۾ هيٽ اسٽروڪ جا 49 ڪيس رپورٽ ٿيا.
جون کان هيل تائين هيٽ اسٽروڪ وگهي فوت ٿيلن جو انگ 51 ٿي ويو آهي.