ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) انٽربئنڪ ۾ پاڪستان رپئي جي ڀيٽ ۾ اڄ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب، انٽربئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 6 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 278.17 رپين تي بند ٿيو.
ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 280 رپيا 50 پئسا برقرار آهي.