اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب رياستن پاڪستان جي فرسٽ وومين بئنڪ جي خريداري ۾ دلچسپي ظاهري ڪري ڇڏي.
نجڪاري وزارت جي ذريعن موجب، ايس آءِ ايف سي تي پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌڻ لڳو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي ۽ گڏيل عرب رياستن جي حڪومت وومين بئنڪ جي خريداري ۾ دلچسپي رکي ٿي.
گڏيل عرب رياستن حڪومت کي سيڙپڪاري آڇ ڪئي هئي، بئنڪ لاءِ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ نجڪاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پاڪستان سرڪار گورنمينٽ جو ٽو گورنمينٽ نجڪاري لاءِ قانون سازي ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته فيبروري 2024 ۾ بئنڪ جي گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ نجڪاري تي غور ڪيو پيو وڃي، نجڪاري بئنڪ جي ڪارڪردگي بهتر بڻائيندي .
Next Post
You might also like