سياسي ماڻهن کي کنڀڻ لاءِ ڳجهين ايجنسين جا ويگو ڊالا تاڙ ۾ بيٺا آهن: عمر ايوب

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته ڪنهن جو پيءُ به پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي نٿو مڙهي سگهي، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي آهي ۽ رهندي.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سندن اڄ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿي آهي، عمران خان چيو ته حقيقي آزادي لاءِ جنگ جاري رهندي.
عمر ايوب چيو ته مري ۾ اٻوجهه ماڻهو ويٺا آهن، اسان جي قيادت کي اوهان جيل ۾ واڙيو اسان جي پارٽي نه ٽٽندي ڪنهن جي پيءُ به پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي نه ٿو لڳائي سگهي، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي آهي ۽ رهندي.
سندس چوڻ هوته هن وقت گئس، پيٽرول، اٽي دال ۽ کنڊ سميت هر شئي جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، محسن نقوي جي دور ۾ اربين رپين جي ڪڻڪ امپورٽ ڪئي وئي، موجودا ايڪسپورٽ تي به ڪميشن ورتي پئي وڃي، ايس آءِ ايف سي رڳو 30 ارب رپيا پرائيوٽائزيشن مان ڪمائيندي جڏهن ته پرئيوٽائزيشن مان اصل ماليت 1000 ارب حاصل ٿيندي.
عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ باني تنظيم سازي جو حڪم ڏنو آهي، عمران خان چيو آهي ته ملاقات وقت جيل پوليس اهلڪار بار بار اچي رهيا هئا ۽ اسان کي ٽوڪي رهيا هئا، هتي هڪ آءِ ايس آءِ جو ڪرنل ۽ ميجر ويٺو آهي، جيڪو پي ٽي آءِ باني جي پٽن سان ڳالهائڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي، اسان اسلام آباد جي انچارج، آءِ جي پنجاب، گهرو سيڪريٽري، چوڪي انچارج ۽ اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي سمن ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته ڳجهين ايجنسين جو ڪهڙو ڪم آهي جو سياسي ماڻهن کي کنڀي رهيا آهن، ويگو ڊالا تاڙ ۾ بيٺا آهن، ايجنسين کي سياستدانن کي کنڀڻ مان واندڪائي ملندي ته دهشتگردي کي به روڪينديون، پي ٽي آءِ باني چيو ته هي چريا ٿي چڪا آهن، اسان کي پنهنجون سيٽون ملنديون، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چئني صوبائي ڪمشنرن فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، مٿن فوري طور آرٽيڪل ڇهه لڳايو وڃي.
عمر ايوب وڌيڪ چيو ته اسلام آباد وارو جلسو شيڊيول مطابق ضرور ٿيندو.
رئوف حسن چيو ته اقتدار ڌڻي پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي لاءِ جيڪا رٿابندي ڪري رهيا آهن ان سان پاڪستان جو ئي نقصان ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.