اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) ايڊهاڪ ججن جي مقرريءَ کي رد ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججن جي مقرري بدنيتي تي ٻڌل آهي.
هن چيو ته ايڊهاڪ ججن جي مقرريءَ وارو معاملو سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ اُماڻي رهيا آهيون، ان فيصلي جو مقصد پنهنجا هم خيال جج مقرر ڪرڻ آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ججن جي معاملي کي تڪراري نه بڻايو وڃي.
You might also like