عمران خان 12 ڪيسن ۾ جسماني رمانڊ ڏيڻ وارو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان 12 ڪيسن ۾ جسماني رمانڊ ڏيڻ جو دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ باني بئريسٽر سلمان صفدر ذريعي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 12 درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون آهن.
عمران خان طرفان داخل درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اي ٽي سي جسماني رمانڊ ڏيڻ وقت رڪارڊ جو درست جائزو نه ورتو، جيل ۾ قيد آهيان پوليس پهريان به پڇاڳاڇا ڪري چڪي آهي، جسماني رمانڊ ڏيڻ وقت قانون گهرجن کي نظرانداز ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ باني طرفان استدعا ڪئي وئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان 12 ڪيسن ۾ ڏنل جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.