پرڏيهي ميڊيا موجب، رومانيا جي پارليامينٽ گذريل ڏينهن 19 ورهين جي ناري جي رڇ جي حملي ۾ موت کانپوءِ اٽڪل پنج سئو رڇن کي مارڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
گذريل هفتي هائيڪنگ ڪندي 19 ورهين جي ماريا ڊيانا نالي سياح کي رڇ حملي ڪري ماري وڌو هو جنهن کانپوءِ رومانيا ۾ هر طرف کان آواز اُٿڻ لڳا ۽ رڇ جي حملن کان بچڻ لاءِ حڪومت کان فوري طور ايڪشن وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.
رومانيا جي ماحوليات بابت وزارت جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ اڇا رڇ رومانيا ۾ ئي آهن جنهن جو انگ اٺ هزار آهي.
ميڊيا رپورٽ موجب، رومانيا ۾ گذريل ويهه سالن دوران رڇ جي حملن ۾ 26 ڄڻا پنهنجي حياتي وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته 274 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا آهن.
Next Post
You might also like