سون هزارين رپيا مهانگو، تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ اڄ سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ في تولي جي قيمت رڪارڊ بلندي تي پهچي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون چار هزار ڇهه سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد ٻه لک چونجاهه هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 3944 رپيا واڌ بعد ٻه لک 17 هزار 764 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 60 ڊالر چاڙهه بعد 2450 ڊالرز آهي.
پاڪستان ۾ سون جي عالمي قيمت ويهه ڊالر پريميم شامل ڪري 2470 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.