لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ احمد خان بڇڙ چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جيڪڏهن استعيفيٰ نه ڏيندو ته سندس خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويندو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي احمد خان بڇڙ چيو ته ملڪ آرٽيڪل 6 پهريان به لڳي چڪا آهن، سموريون ڪارروائيون سياسي بنيادن تي ڪيون پيون وڃن.
هن چيو ته پيپلز پارٽي ان فيصلي ۾ حڪومت سان گڏ ناهي ۽ عمران خان هاڻي وڌيڪ قيد ۾ نه ٿو رکي سگهجي جڏهن ته مهانگائي خلاف جلد احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جيڪڏهن استعيفيٰ نه ڏني ته سندس خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪنداسين.
You might also like