واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي موسمياتي ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته سال 2080 تائين دنيا جي 4 هزار کان وڌيڪ شهرن ۾ گرمي پد پنج کان ڇهه ڊگري تائين وڌي سگهي ٿو، گرميءَ جي شدت سبب متاثر ٿيندڙ امڪاني شهرن ۾ پاڪستان جا به ڪيئي شهر شامل آهن.
آمريڪا جي ميري لينڊ يونيورسٽي جي ماهرن موجب، ماحولياتي تبديليءَ سبب سال 2080 تائين دنيا جي چار هزار 581 شهرن جو گرمي پد پنج کان ڇهه ڊگري تائين وڌي سگهي ٿو.
ماهرن موجب، پاڪستان جا جيڪي شهر سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا انهن ۾ ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، ملتان، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ٻيا شهر شامل آهن.
ماهرن جو ڪراچي بابت چوڻ آهي ته ايندڙ 60 سالن دوران ڪراچي ۾ گرمي 3 ڏهائي 3 سيلسيس وڌيڪ ۽ گرمين ۾ 18.2 سيڪڙو خشڪ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته اونهارو پنج ڊگري گرم ۽ 0.4 سيڪڙو برساتن جو امڪان آهي، ان وقت ڪراچي جي موسم اهڙي هوندي جهڙي هن وقت سعودي عرب جي شهر الباحه جي آهي.
ماهرن موجب، جيڪڏهن موسمياتي تبديلي سبب ٺهندڙن عملن جي خارج کي گهٽايو وڃي ته ڪراچي جي گرمي پد ۾ 1.1 ڊگري سيلسيس اضافو ۽ برساتن ۾ 17.3 سيڪڙو واڌ جي اميد آهي جڏهن ته سياري ۾ 1.7 ڊگري گرمي ۽ 2.9 سيڪڙو برساتن جو امڪان آهي، ان صورت ۾ ڪراچي جي موسم اهڙي هوندي جهڙي اڄڪلهه يمن جي شهر مڪله جي آهي.
ماهرن جو اِهو به چوڻ هوته حڪومت جيڪڏهن ماحوليات تي ظابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري ته گرمي پد ۾ هڪ کان ٻه ڊگري تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.
You might also like