سينيئر اداڪار عثمان پيرازده بجليءَ جي ڳاٽي ٽوڙ بل سبب پريشان!

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي سينيئر اداڪار ۽ هدايتڪار عثمان پيرزاده بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ بلن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو دوران اداڪار کان بجليءِ جي بلن بابت سوال ڪيو ويو جنهن تي هن چيو ته ” توبهه توبهه“ خوفناڪ بل آهن، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اڳتي ڇا ٿيندو.
هن چيو ته خبر ناهي اڳتي مون ۾ بجليءَ جا بل ادا ڪرڻ جي جيتري سگهه به هوندي الائي نه، ٿي سگهي ٿو بجلي ڪٽرائڻي پوي ڇو ته مون کان ٺڳي ڪرڻ ڪونه پڄندي.
هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن انهن ماڻهن بابت سوچيندو آهيان جن جا وسيلا محدود آهن يا مالي طور تي مضبوط نه آهن اُهي ڪيئن گذارو ڪندا هوندا، مٿان سخت گرمي، بجلي کانسواءِ رهي به نٿا سگهن.
عثمان پيرزاده چيو ته ماڻهو سولر سسٽم هڻائي رهيا آهن پر ڪڏهن ٽيڪنالوجي تبديل ٿي يا ڪڏهن ان تي به ٽئڪس لڳو ته ڇا ٿيندو؟ اِهو سوچي ماڻهو گهٻرائجي وڃي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته سندس بل ايترو خوفناڪ آيو آهي جو ڇا ٻڌايان، گهر ۾ هڪ اي سي هلندو آهي، زال، مان ۽ ڌيءَ هڪ ئي ڪمري ۾ سُهمندا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.