پاڪستان ٽيم ايندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ ويندي، شيڊيول جاري

ڪرائسٽ چرچ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال وائٽ بال سيريز لاءِ نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽي ون ميچون کيڏيون وينديون.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ پاڪستان خلاف وائٽ بال سيريز جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي.
شيڊيول موجب، پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ وائٽ بال سيريز 16 مارچ کان 5 اپريل 2025 تائين کيڏي ويندي، سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 16 مارچ تي ڪرائسٽ چرچ، ٻي 18 مارچ تي ڊينڊن ۾ ٿيندي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، سيريز جي ٽي ٽوئنٽي 21 مارچ تي آڪلينڊ، چوٿين 23 مارچ تي تاورانگا جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي 26 مارچ تي ويلنٽگن ۾ شيڊيول آهي.
شيڊيول موجب، ون ڊي سيريز نيپئر، هملٽن ۽ تاورانگا ۾ ترتيبوار 29 مارچ، 2 اپريل ۽ 5 اپريل تي کيڏيون وينديون.
ڪرڪيٽ نيوزيلينڊ پنهنجي سيزن جي شيڊيول ۾ پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ جي به تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ان کانسواءِ ڪيوي ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ملتان ۾ ٽه ملڪي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت جي به تصديق ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.