دبئي جي شهزاديءَ سوشل ميڊيا تي مڙس کي طلاق ڏئي ڇڏي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب رياستن جي نائب صدر ۽ وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي نياڻي سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي پنهنجي مڙس کي طلاق ڏئي ڇڏي.
شيخه مهرا گذريل سال اپريل ۾ واپاري شيخ مانع بن محمد بن راشد بن مانع المڪتوم سان شادي ڪئي هئي ۽ هلندڙ سال مئي دوران هن ڌيءُ کي جنم ڏنو هو.
شيخه مهرا سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي پنهنجي مڙس کي مخاطب ڪندي لکيو ته جڏهن اوهان ٻين سان مصروف آهيو ته مان اوهان سان رشتو ختم ( طلاق ) ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿي، ان سان گڏوگڏ هن کيس ٽي ڀيرا ”مان اوهان کي طلاق ڏيان ٿي“ .
شيخه مهرا ان اعلان سان گڏئي انسٽاگرام تي مڙس سان گڏ پنهنجون سموريون تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون آهن.
ڌيءَ جي پيدائش کان اڳ شيخه مهرا سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڳورهاري هجڻ جو اعلان ڪندي هڪ تصوير شيئي ڪئي هئي جنهن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو هوته ” اسان ٽي“ پر گذريل مهيني هن مڙس کانسواءِ رڳو پنهنجي نياڻي سان گڏ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ” بس اسان ٻه“
سوشل ميڊيا واهپيدارن اِهو به نوٽ ڪيو ته شيخه مهرا ۽ سندس مڙس سوشل ميڊيا تي هڪٻئي کي اَن فالو به ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.