واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته کين اڳوڻي صدر ٽرمپ جي قتل جي سازش ايران ۾ ٿين جي انٽيليجنس اطلاع مليا هئا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته کين ويجهڙائي وارن هفتن دوران هڪ انٽيليجنس اطلاع ملي هئي جنهن ۾ اڳوڻي صدر ٽرمپ جي قتل جي ايران ۾ رٿابندي جا اطلاع هئا، ڳجهن ذريعن ٻڌايو ته ايران ڊونلڊ ٽرمپ کي قتل ڪرائڻ جي سازش ڪري سگهي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، انيٽيلجنس اطلاعن ۾ ٽرمپ تي حملو ڪندڙ 20 ورهين جي حملي آور ٿامس ميٿيو جو ايران ۾ ٿيندڙ رٿابندي سان ڪو تعلق نه ڄاڻايو ويو هو.
آمريڪي قومي سلامتي جي اهلڪار جو چوڻ آهي ته سيڪرٽ سروس ۽ ٽرمپ جي اليڪشن ٽيم کي ريلي کان اڳ خطري بابت آگاهه ڪيو ويو هو.
ٽرمپ جي اليڪشن ٽيم قتل جي رٿابندي يا سازش جو پتو هئڻ جي تصديق ڪرڻ کان پاسو ڪندي چيو آهي ته ٽرمپ جي سيڪيورٽي جي تفصيلن تي تبصرو ناهيون ڪندا، سمورا سوال آمريڪي سيڪريٽ سروس ڏانهن موڪليا وڃن.
ٻئي پاسي ايران آمريڪي انٽيليجنس جي رپورٽ رد ڪندي ان کي بدنيتي قرار ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقبل نمائندي چيو ته ايراني حڪومت جي نظر ۾ ٽرمپ هڪ ڏوهاري آهي، جنرل قاسم سليماني جي قتل جو حڪم ڏيڻ تي کيس سزا ڏيڻ گهرجي، ايران ٽرمپ کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ قانوني رستي جي چونڊ ڪئي آهي.
واضح رهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي 14 جولاءِ تي چونڊ ريلي دوران قاتلاڻو حملو ڪيو ويو هو جنهن ۾ گولي ٽرمپ زخمي ٿي پيو هو جڏهن ته حملي آور ٿامس ميٿيو آمريڪي سيڪرٽ سروس جي ايجنٽس جي جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو.
You might also like