مظفر ڳڙهه مان ايم اين اي معظم جتوئي لاپتا، جمشيد دستي تي فائرنگ: پي ٽي آءِ جي دعويٰ

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مهر جاويد دعويٰ ڪئي آهي ته ايم اين اي معظم جتوئي گذريل ڏينهن کان گم آهي.
مهر جاويد چيو ته معظم جتوئي کي ملتان ۾ سندس رهائشگاهه تان اڻڄاتل ماڻهو کنڀي ويا آهن.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي ايم اين اي جمشيد دستي چيو آهي ته گذريل سال ٽئين وڳي مظفر ڳڙهه ۾ پنجويهه ماڻهو ڀت ٽپي سندس گهر ۾ داخل ٿيا.
هن چيو ته گهر جي ٻاهران موجود ماڻهن مٿس فائرنگ به ڪئي پر هو محفوظ رهيو.
سندس چوڻ هو ته مون پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو حلف نامو اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
هوڏانهن مظفر ڳڙهه پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جمشيد دستيءَ جي گهر تي ڪارروائي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي.،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.