انسٽاگرام ريلز ۽ وڊيوز لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ملٽي ٽريڪ آڊيو نالي فيچر جو مقصد انسٽاگرام جي مختصر وڊيوز کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.
اِهو فيچر اهڙي وقت ۾ متعارف ڪرايو ويو جڏهن ته انسٽاگرام جي سربراهه ايڊم موسيري ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته ايپ ۾ ڊگهين بدران مختصر وڊيوز کي ترجيح ڏني ويندي.
ان مقصد تحت نئون فيچر انسٽاگرام جو حصو بڻايو ويو آهي جنهن ذريعي واهپيدار هڪ وڊيو ۾ ڪيئي آڊيو ٽريڪس جو اضافو ڪري سگهندا، ان سان گڏوگڏ هاڻ واهپيدارن کي ٿرڊ پارٽي ايپس جو سهارو نه وٺڻو پوندو.
فيچر جو اعلان ڪندي ايڊم موسيري ٻڌايو ته واهپيدار هڪ ريل وڊيو ۾ ويهه آڊيو ٽريڪس جو اضافو ڪري سگهندا.
هن چيو ته فيچر ذريعي واهپيدارن کي انسٽاگرام ۾ مواد تيار ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تخليقي آزادي ملندي، واهپيدار ٽيڪسٽ کي آڊيو جو حصو بڻائي سگهندا جڏهن ته ريلز کي اسٽيڪرز، ڪلپس ۽ ٻين سان ايڊٽ ڪري سگهندا.
ان کانسواءِ آڊيو ڪلپس کي اوور ليپ به ڪري سگهبو، فيچر ذريعي واهپيدار پنهنجي وڊيو لاءِ درست ٽريڪس جي چونڊ ڪري سگهندا، جڏهن ڪنهن صارف طرفان آڊيو تي ٻڌل وڊيو تيار ڪئي ويندي ته ٻيا ماڻهو به مڪسڊ آڊيو ڪلپس کي استعمال ڪري سگهندا.
You might also like