ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ واهپيدار سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيسبوڪ جي استعمال ۾ پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.
پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيسبوڪ جا وهپيدار ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن جڏهن ته فيسبوڪ پيرن آرگنائزيشن ميٽا ۽ نيٽ بلاڪ طرفان شڪايتن جي تصديق ناهي ڪئي وئي.
16 ۽ 17 جولاءِ تي پاڪستان ۾ ڪيئي انٽرنيٽ سروسز پرووائڊرز ( آءِ ايس پيز ) فيسبوڪ تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڪيئي واهپيدارن شڪايت ڪئي ته هو فيسبوڪ اڪائونٽ تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام آهن جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن سوال ڪيو ته ڇا حڪومت فيسبوڪ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي؟
واضح رهي ته پنجاب حڪومت چار جولاءِ کي گهرو وزارت کي لکت طور تجويز ڏني هئي جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي هئي ته اثرائتي سيڪيورٽي لاءِ 6 کان 11 محرم الحرام تائين يوٽيوب ۽ فيسبوڪ سميت اهم سوشل ميڊيا پليٽ فارم بند ڪيا وڃن جڏهن ته حڪومت اِها تجويز ۽ درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.
You might also like