پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپخونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته مخصوص سيٽن واري معاملي تي وفاقي حڪومت اڳتي به ڪجهه ڪيو ته آئين مطابق پنهنجو حق وٺنداسين.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته خواجا آصف چوي ٿو ته پي ٽي آءِ وارن کي اقتدار جو شوق آهي، اسان ٻه حڪومتون ڇڏيون، اقتدار جو شوق هجي ها ته حڪومتون نه ڇڏيون ها.
هن چيو ته خواجا آصف پاڻ چونڊن ۾ بدترين شڪست کاڌي پر وري فارم 47 تي اقتدار ۾آيو، هو عوام کي منهن ڏيکارڻ جهڙو به ناهي رهيو.
علي امين چيو ته اسان اقتدار وارا نه جهموري ماڻهو آهيون، پهريان به چيو هو ته مخصوص سيٽن لاءِ وڙهنداسين، اسان مقابلو ڪري مخصوص سيٽون حاصل ڪيون، مخصوص سيٽن تي وفاقي حڪومت مستقبل ۾ ڪجهه ڪندي ته آئين مطابق پنهنجو حق وٺنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته عمران خان مذاڪرات بابت جيڪي ڳالهيون ڪيون اِهو ئي پي ٽي آءِ جو موقف آهي.
Next Post
You might also like