بنگلاديش ۾ ٻن شاگردن ڌڙن ۾ جهيڙو، پاڪستاني هاءِ ڪميشن جو اهم بيان

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۾ جاري مظاهرن کي نظر ۾ رکندي پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاڪستاني شاگردن کي پنهنجي حفاظت لاءِ هر ممڪن احتياط ۽ احتجاج کان پري رهڻ جو مشورو ڏنوآهي.
هاءِ ڪميشن ڪئمپس ۾ رهندڙن کي پنهنجي هاسٽل جي ڪمرن تائين محدود رهڻ جو مشورو ڏنو آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بنگلاديش ۾ پاڪستانين جي خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سيد معروف سان فون تي رابطو ڪيو .
سفير سيد معروف نائب وزيراعظم کي سيڪيورٽي صورتحال ۽ بنگلاديش ۾ پاڪستانين جي خيريت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هاءِ ڪميشن طرفان کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو.
هن چيو ته سفارتخاني مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي سهولت لاءِ هڪ هيلپ لائين کولي آهي.
نائب وزيراعظم هاءِ ڪمشنر کي بنگلاديش ۾ رهندڙ پاڪستانين خاص طور ڍاڪا جي ڪئمپ ۾ رهندڙ شاگردن جي فلاح ۽ بهبود جو خيال رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ پاڪستاني شاگردن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقامي اختيارين سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جو چيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.