ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 40.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ منجهند ٻه کان ٽئين وڳي جي وچ ڌاران گرمي پد 40.5 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو ۽ گرمي جي شدت جو احساس 56 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهيو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ جو موجودا گرمي پد 35.5 ۽ پنج وڳي هوا ۾ گهم جو تناسب 66 سيڪڙو رڪارڊ ڪيوويو.
ڪراچي ۾ هن وقت گرميءَ جي شدت جو احساس 53 ڊگري سينٽي گريڊ آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ سڀاڻي به موسم گرم ۽ گهميل رهندي ۽ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڀاڻي شام کان سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ جو امڪان آهي.