راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) 15 جولاءِ تي بنون ڇانوڻي تي آپگهاتي حملي ۾ شهادت جو جام پيئندڙ پاڪ فوج جوانن جي تدفين ڪئي وئي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، شهيدن کي سندن اباڻن علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته نائب صوبيدار محمد شهزاد، حوالدار شهزاد احمد، حوالدار ضلِ حسين، سپاهي ارسلان، سپاهي اشفاق حسين خان، سپاهي سبحان مجيد، سپاهي امتياز خان ۽ ايس سي جي لانس نائيڪ سبز علي جي تدفين ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، جنازي نماز ۽ تدفين ۾ پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن، جوانن، وارثن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگري جي لعنت ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي ۽ شهيدن جي اِها عظيم قرباني ڪنهن به صورت ۾ رائيگان نه ويندي.
You might also like