سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ جلوس ۽ مجلسون، سيڪيورٽي سخت، موبائيل سروس بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ماتمي جلوس برآمد ڪيا پيا وڃن.
يومِ عاشور جي مناسبت سان سموري ملڪ ۾ سيڪيورٽي انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ ان موقعي تي مختلف شهرن ۾ موبائيل فون سروس پڻ بند ڪئي وئي آهي.
ڪراچي
ڪراچي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه کارادر کان برآمد ٿيندو، ماتمي جلوس روايتي رستن کان ٿيندو امام بارگاهه حسينيا ايرانيا تي ختم ٿيندو.
ان موقعي تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ موبائيل فون سروس متاثر آهي ۽ شهر ۾ اڄ به موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري، هٿيارن جي نمائش، هيلي ڪيم ۽ ڊرون اُڏائڻ تي به بندش آهي.
ڪراچي ۾ تمي جلوس جي نگراني لاءِ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن جڏهن ته حيدرآباد، سکر ٻين شهرن ۾ به ماتمي جلوس برآمد ڪيا پيا وڃن.
لاهور
لاهور ۾ يومِ عاشور جو مرڪزي جلوس نثار حويلي کان برآمد ٿيو، جلوس اڄ شام ڪربلا گامي شاهه پهچي ختم ٿيندو.
پنجاب ۾ رڳو جلوسن ۽ مجلسن واري علائقن ۾ موبائيل فون سروس معطل رهندي.
پشاور
پشاور جي مختلف امام بارگاهن مان به ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٻارنهن جلوس برآمد ٿيا آهن.
جلوسن جي سيڪيورٽي تي پوليس جا 14 آفيسر ۽ اهلڪار مقرر آهن ۽ جلوسن جي روٽ کي ڪليئر ڪرڻ لاءِ بم ڊسپوزل يونٽ جا اهلڪار موجود آهن جڏهن ته جلوس ڏانهن ويندڙ سمورا رستا سيل ۽ موبائيل سورس بند آهي.
ڪوئيٽا
بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ عاشوري جي جلوس جي موقعي تي موبائيل فون سروس معطل ۽ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي آهي، ڪوئيٽا جو مرڪزي جلوس مقرر رستن کان ٿيندو مغرب جي نماز کان اڳ هزارا ناصر آباد امام بارگاهه تي اچي پهڄاڻي تي پهچندو.
اسلام آباد
اسلام آباد ۾ يوم عاشور جو مرڪزي جلوس امام بارگاهه ڪرنل مقبول مان برآمد ٿيو جيڪو مقرر رستن کان ٿيندو امام بارگاهه قديمي تي ختم ٿيندو.
راولپنڊي ۾ يومِ عاشور جو مرڪزي جلوس امام بارگاهه عاشق حسين تيلي محلا مان برآمد ٿيو، ان موقعي تي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موبائيل فون سروسز جزوي طور بند آهي.
ان کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ به يوم عاشور جي موقعي تي موبائيل فون سروس ۽ انٽرنيٽ سروس معطل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.