اسلام آباد(علي واسع) حڪومت پابندي جو اعلان ڪري پي ٽي آءِ کي ڊيڄارڻ چاهي ٿي، سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي اڪثريت پارٽي تي فيصلي جي منظوري نه ڏيندي،حڪومت پابندي جو اعلان ڪري مخصوص سيٽن تي پي ٽي آءِ جي ڪامياب اميدوارن کي حلف کڻڻ کان روڪڻ چاهي ٿي، بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته حڪومت پارٽي ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ چاهي ٿي،ان سلسلي ۾ عدالتن ۾ وينداسين، جڏهن ته رهي ڳالهه عمران خان، عارف علوي ۽ قاسم سوري خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جي ته ماضي ٻڌائي ٿو ته پاڪستان ۾ آرٽيڪل 6 جو ڪيس ڊڪٽيٽر مشرف تي هليو هو ان تي عملدرآمد نه ڪيو ويو هو، پي ٽي آءِ جي ٽنهي اڳواڻن خلاف ان آرٽيڪل تحت ڪارروائي مشڪل نظر اچي رهي آهي ۽ ان جو ايترو مضبوط بنياد به ناهي.