پ پ پي ٽي آءِ تي بندش بابت اڳواڻن جي بيانن کي ذاتي راءِ قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ تي پابندي بابت سمورن بيانن کي اڳواڻن جي ذاتي راءِ قرار ڏئي ڇڏيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي پارلياماني سيڪريٽري جنرل نيئر حسين بخاري چيو آهي ته فرحت الله بابر جو وفاقي حڪومت جي فيصلي خلاف ٽوئيٽ سندس ذاتي راءِ آهي، پارٽي پاليسي ناهي. نيئر بخاري وڌيڪ چيو ته پ پ اڳواڻن جا بيان سندن ذاتي راءِ آهن، پيپلزپارٽي پنهنجو موقف پنهنجي ترجمان يا لاڳاپيل ماڻهن ذريعي جاري ڪندي آهي. پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو ته پارٽي قيادت مشاورت کانپوءِ ئي پنهنجي راءِ ڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.