کارسر ڪٽائي بابت ڪابينا ۾ اختلاف، تڪ جي ايم پي اي قاسم سومري مخالفت ڪري ڇڏي

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر سلسلي جي کارسر ٽڪر جي ڪٽائي بابت اعلانيل ڪميٽي جو معاملو دٻجي ويو، تڪ جي ايم پي اي قاسم سومري کارسر جي ڪٽائي جي مخالفت ڪري ڇڏي. کارسر جبل جي ڪٽائي واري هلندڙ معاملي بعد ننگرپارڪر جي تڪ تان چونڊيل پ پ  جي ايم پي اي قاسم سومرو پنهنجو موقف رکندي ”ڪارونجهر کي پيءُ ۽ ٽَڪرين کي پُٽ“قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ عوامي آواز پاران رابطو ڪرڻ تي پ پ ايم پي اي قاسم سومرو چيو ته کارسر جبل ڪارونجهر جو حصو آهي اُنهي کي ڪيئن ڪَٽي سگهبو، منهنجو پهرين ڏينهن کان واضع موقف آهي ته ڪارونجهر سميت سمورين ٽَڪرين جي حفاظت ڪبي، قاسم سومري چيو ته انسان پنهنجن عضون ٻانهن ۽ هٿن جي ڪَٽجڻ سان ڪئين زنده رهي سگهي ٿو؟ ايئن ئي ڪارونجهر جون ٽَڪريون ڪَٽڻ هوندو. اسان لاءِ ڪارونجهر وانگر سمورا پهاڙ مقصد آهن. موقف واضح آهي ته آئون ڪارونجهر جي ڪٽائي جي خلاف آهيان ۽ آخر تائين مخالفت ڪندس. قاسم سومري وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر جي کارسر سميت جيڪي به ٽَڪريون آهن اُنهن کي اسان محفوظ ڪنداسين. هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران کارسر جبل بابت تجويز ڪيل ڪاميٽي سنڌ حڪومت عوام جي دٻاءُ سبب لڪائي رکي آهي،ذريعن کان اِهو معلوم ٿيو آهي صوبائي وزير سردار شاھ کارسر واري معاملي تي بچڻ لاءِڪاميٽي تجويز ڪري پاڻ آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،سنڌ ڪابينا ۾ پ پ جا مقامي چونڊيل نمائيندا شامل نه ٿيڻ ڪري معاملا ڳڙٻڙ ٿي ويا آهن،ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته کارسر ڪَٽائي واري معاملي سنڌ ڪابينا ٻن ڌڙن ۾ رهائجي وئي آهي ۽ حڪومت امتحان ۾ پئجي چُڪي آهي.

کارسر ڪٽائي بابت ڪابينا جو فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان

مٺي: کارسر ڪٽائي بابت سنڌ ڪابينا جو فيصلو عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪارونجھر  ڪيس جي وڪيل شنڪر ميگھواڙ کارسر ڪٽائي خلاف درخواست داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 19 جولاءِ تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ميرپورخاص ڊويزن بينچ ۾ ڪابينا جي فيصلي کي رد ڪرائڻ لاءِ باقاعدي درخواست داخل ڪبي. 23 جولاءِ تي بينچ ۾ اھڙي ٻڌڻي دوران موقف رکبو ته کارسر ڪارونجهر جو تسلسل آهي، بطور ڪارونجهر ڪيس پٽيشنر ڪابينا جي فيصلي کي اڳ آيل عدالتي فيصلي جي روشني ۾ چيلينج ڪري رهيو آهيان،اھڙي درخواست ۾ چيف سيڪريٽري،سيڪريٽري معدنيات کاتو، سيڪريٽري ڪلچر کاتو، ڊي سي ٿرپارڪر، ايس ايس پي ٿرپارڪر، مختيارڪار ۽ ايس ايڇ او ننگرپارڪر کي ڌر بڻايو ويندوعدالت پاران اڳ ۾ ئي واضح فيصلا موجود ھجڻ باوجود ڪابينا جو اھڙو فيصلو توھين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو،آرٽيڪل 204 سيڪشن 3 ۽ 4 تحت چيف سيڪريٽري ۽ معدنيات واري وزير خلاف توھين عدالت جي درخواست به داخل ڪرائي ويندي.

کارسر جي ڪٽائي بابت ڪا به ڪاميٽي ناهي ٺهي، ڪير چوي ٿو ته نوٽيفڪيشن ڏيکاري: قاسم سومرو

مٺي: قاسم سومرو وڌيڪ چيو آهي ته کارسر جي ڪٽائي بابت ڪا به ڪاميٽي ناهي ٺهي، مونکي اهڙي خبر ناهي،آئون افواهن تي ڌيان ناهيان ڏيندو، ڪير چوي ٿو  کارسر بابت ڪاميٽي ٺهي آهي ته اُهو مونکي نوٽيفڪيشن ڏيکاري آئون جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان،باقي اهڙي ڪا به ڳالھ ناهي.

ڪارونجهر جي اوٽ ۾ پ پ قيادت خلاف اڻوڻندڙ ٻولي برداشت نه ڪئي ويندي: نند لال مالهي

مٺي:پ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي ترجمان ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪارونجهر جبل جي آڙ ۾ پاڪستان پيپلز  پارٽي جي قيادت خلاف اڻ وڻندڙ ٻولي ڳالهائڻ ۽ پ پ پ خلاف زهر اوڳاڇڻ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪارونجهر جبل بابت پ پ پ جو موقف واضع ۽ چٽو آهي. پ پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير ۾ چئي چڪو آهي ته ڪارونجهر جبل ڪٽڻ وارن جا اسين هٿ ڪٽي ڇڏينداسين, جڏهن ته پ پ پ  جي سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر جبل جي کارسر سميت ڪنهن به ٽڪڙي ۽ پهاڙ کي ڪٽڻ يا ليز ته ڏيڻ جو ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويو آهي.

سمورا جبل ۽ ٽڪريون خطي جي سونهن آهن: قاسم سومرو

مٺي: قاسم سومرو چيو آهي ته ڪارونجهر جبل سميت جيڪي به ننڍا ننڍا جبل ٽَڪرين جي شڪل ۾ موجود آهن  اُهو خطي جي سونهن آهن،جن تي اسان کي فخر آهي،پيءُ کي پُٽن جي سامهون ڪير ڪَٽي سگهي ٿو،اِهو ممڪن ئي ڪونهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.