ملڪ ۾ عدم استحڪام جو وڏو ڪارڻ فوجي ادارن جي مداخلت آهي: فضل الرحمان

پشاور( م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ عدم استحڪام جو وڏو ڪارڻ فوجي ادارن جي مداخلت آهي. جي يو آءِ جي صوبائي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته طاقتور حلقن کي سمجهڻ گهرجي ته سياست ۾ سندن مداخلت  ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب فوجي ادارن جي مداخلت آهي، 2018ع ۽ 2024ع جي چونڊن جي نتيجن ادارن جي  سرعام مداخلت جو پول کولي ڇڏيو. جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته عزم استحڪام آپريشن سڄي ملڪ خاص ڪري خيبرپختونخواهه ۾ پريشاني وڌائيندو. اجلاس ۾ 10 آگسٽ تي مردان ۾ هاري ڪنوينشن، 11 آگسٽ تي پشاور ۾ واپارين جو ڪنوينشن ۽ 18 آگسٽ تي لڪي مروت ۾ امن جرڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.