”ايمرجنسي پلس“ جهانگير ترين نئون وزيراعظم؟

اسلام آباد(جاويد چوڌري) اسلام آباد ۾ هن وقت ڪيتريون ئي سازشي ڪهاڻيون گردش ڪري رهيون آهن، انهن مان پهرين اها ته وزيراعظم شهبازشريف ڪنهن وقت به استعيفيٰ ڏئي سگهي ٿو، ٻيو ته ايمرجنسي  لڳي سگهي ٿي جنهن بعد وزيراعظم جهانگير ترين بڻجي سگهي ٿو،ججن کان پي سي او طور حلف ورتو ويندو،ٽيون ته پي ٽي آءِ تي واقعي پابندي لڳي ويندي،اسلا آباد ۾ صورتحال تمام گهڻي ڇڪتاڻ واري آهي، جڏهن ته  ايندڙ ڏينهن ۾ عمران خان کي 190 ملين پائونڊ ۽ 9 مئي جي ڪيسن ۾ سزا اچي ويندي، 125 جج هڪڙي پاسي آهن ۽ ٻئي پاسي پوري رياست آهي، پوري فضا ۾ ڇڪتاڻ ڇانيل آهي،ايندڙ ڏينهن انتهائي اهم آهن، سياسي ڀونچال پاڪستان کي يا ته ٺيڪ ڪري ڇڏيندو يا تباهه ڪري ڇڏيندو،مخصوص سيٽن واري فيصلي خلاف حڪومت جي اپيل تي اسٽي آرڊر جاري ٿيو ته پوءِ تحريڪ انصاف تي پابندي لڳي سگهي ٿي، لاهور جي دهشت گردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ڪيسن ۾ عمران خان کي 10 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي،

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 16 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.