ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ آسٽريليا اسڪاٽ لينڊ ۽ انگلينڊ خلاف وائيٽ بال ( ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ) سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، اسڪاٽ لينڊ ۾ آسٽريليا ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي، انگلينڊ ۾ ٽي ٽي ٽوئنٽي ۽ پنج ون ڊي ميچن جي سيريز شيڊيولڊ آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ڄاڻايل ميچون سپٽيمبر ۾ کيڏيون وينديون، وائٽ بال ٽيم جي قيادت مچل مارش ڪندو.
ٻين رانديگر ۾ شان ايبٽ، زائيور بريٽلٽ، اليڪس ڪيري، ڪوپر ڪنولي، ٽِم ڊيوڊ، نيٿن ايلس شامل آهن.
انکانسواءِ جيڪ فريزر مگرڪ، ڪئمرون گرين، ايرون هارڊئي، جوش هيزل ووڊ، ٽرويس هيڊ، جوش انگلس، اسپينسر جانسن، مارنس لبيوشائين، گلين ميڪسويل، ميٿيو شارٽ، اسٽيو سمٿ، مچل اسٽارڪ مارڪوس اسٽئونس، ايڊم زمپا به آسٽريلوي اسڪواڊ جو حصو آهن.
پڌرائي موجب، مچل اسٽارڪ ۽ گلين ميڪسويل ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل نه آهن، جڏهن ته پيٽ ڪمنز لوڊ مئنيجمينٽ تحٽ وائٽ بال ٽيمن حصو ناهي بڻايو ويو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، ڊيوڊ وارنر ون ڊي ڪرڪيٽ تان به رٽائر ٿي چڪو آهي جڏهن ته آشٽن اگر ۽ ميٿيو ويڊ کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.
You might also like