ٽنڊوالھيار ( ڊ ر ) ٽنڊوالهيار جي خواجا ڳوٺ کان مزدا گاڏي ذريعي ڪراچي سبزي منڊي لاءِ ڄمون کڻي ويندڙ پورھيتن جي گاڏي جو ايم نائن موٽروي ٿاڻو بولا خان ويجھو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ 6 پورھيت فوت ٿي ويا. 7 پورھيت سول اسپتال حيدرآباد ۾ علاج ھيٺ آھن جن مان ڪجھه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. فوت ٿيلن ۾ امرشي ڪڇي ۽ رميش ڪڇي ڀائر آھن. ٻين فوتين ۾ چيتن ٺاڪر، نان جي ٺاڪر، رميش ٺاڪر ۽ امداد حسين کوسو شامل آھن. فوتين ۽ زخمين جو تعلق ٽائون ڪميٽي سلطان آباد جي مختلف ڳوٺن سان آھي.فوتين جا لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. فوتين جا مڙھه آلين اکين سان ڪاڪيپوٽا لڳ مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. ٻي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حادثي جو نوٽيس ورتو، ايم پي اي امداد علي پتافي وزير اعليٰ سنڌ کي حادثي بابت ڄاڻ ڏني، وزير اعليٰ فوتين جي امداد ۽ زخمين جي بھتر علاج جون ھدايتون ڏيندي امداد علي پتافي کي فوتين سان تعزيت ڪرڻ جون ھدايتون پڻ ڏنيون.