واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا پاڪستان ۾ سياسي پارٽي تي پابندي لڳائڻ واري فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته ان سلسلي ۾ حڪومتي بيان ڏٺا آهن، يقينن ڪنهن سياسي جماعت تي پابندي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، اها ڳنڀير سياسي عمل جي شروعات آهي .
-
عدالتي فيصلي کانپوءِ حڪومت وائڙائپ جو شڪار آهي: اختر مينگل
ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل حڪومتي فيصلي جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته سياسي جماعتن تي پابندي نئين ناهي، 1973ع ۾ به نيشنل عوامي پارٽي تي پابندي لڳائي وئي هئي، سياسي جماعتن تي پابندي لڳائڻ مسئلي جو حل ناهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ حڪومت وائڙائپ جو شڪار آهي، پابندي لڳائڻي آهي ته سمورين سياسي جماعتن تي لڳايو،حڪمران ٻئي جي بيساکي تي بيهي ڳالهائي رهيا آهن
-
اسلام آباد ۾ ” نظام“ ويڙهجڻ جا افواهه
اسلام آباد(عمران وسيم) حالتون پوائنٽ آف نو ريٽرن تي اچي ويون،ادارا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿي ويا، اقتداري شهر ۾ افواهه سرگرم آهن ته سسٽم ويڙهجي سگهي ٿو،نوازشريف،مريم نواز ۽ شهباز شريف وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات بابت صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ قيادت کي آگاهه ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو ڪابينا ۾ آندو ويندو، عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ آمهون سامهون آهن، 9 مئي اصل اشو آهي،عمران خان کي ڳالهين ۽ 9 مئي واقعن تي معافي جي آفر ميز تي آهي،عمران خان جو موقف آهي ته 9 مئي اسٽيبلشمينٽ پاڻ ڪرايو آهي،مان معافي نه گهرندس، اها آخري جنگ آهي ان جي باوجود حالتون ٺيڪ نه ٿيون ته پوءِ غيرجمهوري فيصلا ٿي سگهن ٿا، ٽي ايل پي جو ڌرڻو جاري آهي، اسلام آباد ۾ ڪنٽينر هنيا ويا آهن.
-
طاقتور قوتون تسليم ڪن ته هائبرڊ نظام ناڪام ٿي ويو آهي: فضل الرحمان
اسلام آباد(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مقتدر قوتن کي اهو اعتراف ڪرڻ گهرجي ته موجوده هائبرڊ سسٽم ناڪام ٿي چڪو آهي. اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ جي يو آءِ سربراهه چيو ته سياسي قوتن خلاف طاقت جو استعمال مسئلن جو حل ناهي، سياسي انتشار وڌندو. هن چيو ته سمورا ادارا آئين جي مقرر ڪيل دائري ۾ محدود هجن ته ملڪ بهتر ٿي سگهي ٿو. جيترو جلد طاقتور حلقا ان حقيقت کي سمجهندا، اوترو ئي ملڪ ۽ سندن لاءِ بهتر هوندو. هن چيو ته هائبرڊ سسٽم ناڪام ٿي چڪو آهي، سمورن مسئلن جو حل ملڪ ۾ ٻيهر شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ آهي.