عطا تارڙ جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ مشتاق يوسفي ياد اچي ويو:عارف علوي

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ واري فيصلي بابت اطلاعات واري وزير عطا  تارڙ جي پريس ڪانفرنس تي تبصرو ڪندي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ٽي وي ڏسندي خاص طور تي هاڻوڪي پريس ڪانفرنس کانپوءِ مشتاق احمد يوسفي مرحوم ياد آيو. ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ آهي ته ڪجهه دوستن جي مشتاق احمد يوسفي سان ويجهڙائي هئي، ڪراچي ۾ ٿورن مهينن کانپوءِ کچڙي جي دعوت تي ضرور ملاقات ٿيندي هئي. اڳوڻي صدر چيو ته پنهنجي هڪ دوست مرزا کي اڪثر چوندو هو ته ميان تون ڳالهيون ته ماڻهن جهڙيون ڪرين ٿو پر خدا ڄاڻي جذبات تنهنجا گهوڙي جهڙا آهن. ان ۾ عقل جو ذڪر ناهي نه ته هو ڪنهن ٻئي جانور سان به ڀيٽ ڏئي سگهي پيو.  پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز عطا تارڙ جي پريس ڪانفرنس کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو ۽ پنهنجي  هڪ بيان ۾ هن چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ ڏسڻ جي ڪا شئي نه هئي، ان کي رڳو ڏسي سگهجي پيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي روڪڻ جو ڪو ٻيو طريقو ڪامياب نه ٿي سگهيو هاڻي هي پابندي به هڻي ڏسن. ناڪاري سوچ وارا هي ماڻهو پاڻ کي سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن چون ٿا. پي ٽي آءِ تي پابندي جهڙو ڪو به فيصلو ملڪ کي وڌيڪ ڏڦيڙ ڏانهن وٺي ويندو، سياسي عدم استحڪام وڌندو.

  • مشاهد حسين  پي ٽي آءِ تي پابندي جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ  ن جي اڳواڻ مشاهد حسين سيد پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي جي حڪومتي اعلان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته خدا جنهن کي تباهه ڪرڻ چاهيندو آهي ان کي پهريان چريو ڪري ڇڏيندو آهي. پنهنجي بيان ۾ مشاهد حسين سيد چيو ته تاريخ مان ڪنهن سبق ناهي سکيو، هو پراڻيون غلطيون ورجائي رهيا آهن، الوداع سياسي استحڪام، الوداع سيڙپڪاري، الوداع معاشي بحالي.

  • اي اين پي پاران فيصلو غيردانشمنداڻو قرار

عوامي نيشنل پارٽي ( اي اين پي ) وفاقي حڪومت طرفان پاڪستان تحريڪِ انصاف تي پابندي لڳائڻ وارو فيصلو ٻاراڻو  ۽ غير دانشمنداڻو قرار ڏئي ڇڏيو. اي اين پي جي مرڪزي ترجمان انجينيئر احسان الله خان موجب، وفاقي حڪومت جو پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ٻاراڻو ۽ غيردانشمنداڻو آهي. ترجمان چيو ته سياسي پارٽين جو رستو پابندين ۽ رنڊڪن ذريعي بند نه ٿو ڪري سگهجي، تحريڪِ انصاف سان سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر حڪومت جو اِهو قدم بيوقوفي هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.