ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪيو، جنهن دوران صحافين جي بابل ڀيو جي پروٽوڪول واري پوليس موبائل مان هٿيار هٿ اچڻ واري معاملي بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي ضياءُ الحسن لنجار جواب ڏيندي چيو ته انڪوائري ۾ ثابت ٿيو هو ته اڳوڻي صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو جي پٽ جوابدارن کي هڪ ڪال ڪئي هئي پر ڪال ڪرڻ سان ڪو ڏوهاري ثابت نٿو ٿي سگهي، ڇا جيڪڏهن ڪو صحافي ڪنهن ڌاڙيل کي فون ڪندو ته ڇا هو ڏوهاري ٿي ويندو، هن وڌيڪ چيو ته پوليس جي ڪامياب ڪارروائين بعد 100 مان 80 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن، هن وڌيڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پوليس کي ڪجهه علائقن ۾ مليل ڪاميابيون سندن محنت ۽ بهترين حڪمت عملي جو نتيجو آهن، هن چيو ته ايس ايس پي ايسٽ ۽ سندس ٽيم لاءِ 5 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ٻين ملڪن مان آيل بوهري برادري سان تعلق رکندڙ 40 هزار ماڻهن جي صوبائي سطح تي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان پوليس جو ڀرپور سڪيورٽي پلان آهي. هن چيو ته محرم الحرام جي حوالي سان سڄي صوبي ۾ 4135 جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ 50 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ۽ پهرين محرم کان مختلف ضلعن ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.