9 محرم جي ڏينهن سبيل هلائيندي اغوا ٿيل پريا ڪماري کي 3 سال مڪمل، وارث ڏکارا

سکر(رپورٽر) سکر جي علائقي سنگھرار مان ٽي سال اڳ 9 محرم جي ڏينھن سبيل هلائيندي اغوا ٿي ويل معصوم نياڻي کي ٽيون محرم پورو ٿيڻ باوجود سکر پوليس بازياب نہ ڪرائي سگھي، پريا ڪماري جا والدين مسلسل ڏک واري صورتحال مان گذرندي پنھنجي نياڻيءَ جي راھ تڪي رھيا آھن پر امام حسين ۽ ڪربلا جي شھيدن کي ياد ڪندي سبيل هلائيندڙ معصوم نياڻي ھن مھل تائين بازياب نہ ٿي سگھي آھي، سکر سميت سنڌ ۽ ملڪ جي سياسي سماجي ڌرين توڙي صحافين ۽ وڪيلن جي مسلسل جدوجھد باوجود سکر پوليس معصوم پريا ڪماري کي واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آھي ، سکر ۾ مقرر ڊي آئي جي پير محمد شاھ ۽ ايس ايس پي امجد پاران معصوم پريا ڪماري جي زندھ ھجڻ ۽ کيس اغوا ڪارن تائين پھچڻ جي دعوائن باوجود پريا ڪماري بازياب نہ ٿي سگھي آھي جنھن سبب پريا ڪماري جي وارثن توڙي همدردن ۾ سخت ڳڻتي واري صورتحال برقرار ھجڻ سان وڌيڪ تشويش پيدا ٿي وئي آھي، سکر جي وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن اٺ محرم جي ڏينھن ۽ نون محرم جي ايندڙ چنڊ کي  ايندي ڏسي سيشن ڪورٽ سکر ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪري فوري طور پريا ڪماري جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو آھي جڏھن تہ سکر جي سول سوسائٽي توڙي والدين پاران ھن محرم الحرام جي مھيني ۾ اغوا ٿي ويل معصوم پريا ڪماري کي ڪربلا جي شهيدن جي واسطي ازاد ڪرڻ جي گھر ڪندي سکر جي ڊي آئي جي پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي امجد شيخ سميت سوارن کي مدد جي اپيل ڪئي آھي تہ جيئين معصوم پريا ڪماري ھن محرم ۾ بازياب ڪرائي سندس والدين جي ڏک کي ٻيھر خوشين ۾ تبديل ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.