لاهور(م ڊ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) تحريڪ انصاف تي پابندي واري حڪومتي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) تحريڪ انصاف تي پابندي جي حڪومتي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي وئي ته سياسي انتشار کانسواءِ ڪجهه نه ٿيندو. ايڇ آر سي پي وڌيڪ چيو ته حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ قدمن کي اوليت ڏئي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب پي ٽي آءِ سياسي جماعت آهي، ان تي پابندي جو فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي