فيض آباد ڌرڻو ۽ عمران سان ڳجهيون ڳالهيون،شهبازشريف سان ڊبل گيم

اسلام آباد (سعيد چوڌري+ظفر نقوي) صنم جاويد کي ليڊر بڻائڻ لاءِ پارٽي پاڻ ئي گرفتار ڪرايو آهي، ترت ئي عمران خان کي اڊيالا جيل مان لاهور ۽ لاهور مان ساهيوال جيل منتقل ڪيو ويندو،9 مئي ڪيسن جي ڪري عمران خان جي چهري تي پريشاني جا آثار نظر اچڻ لڳا، ايف آءِ اي ڪيس مان بري ٿيڻ کان پوءِ صنم جاويد جي وڪيل ۽ پارٽي اڳواڻ پوليس کان ايف آئي آر جي  ڪاپي يا گرفتاري وارنٽ گهرڻ جي بدران صنم جاويد کي پوليس سان گڏ اماڻي ڇڏيو، جڏهن ته صنم جاويد کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ايندڙ پوليس اهلڪار ٻڏتر جو شڪار هئا پر وڪيل ۽ پارٽي اڳواڻن اهلڪارن کي سڏي گرفتار ڪرڻ جو چيو، جڏهن ته ٽي ايل پي ڌرڻي جي حوالي سان گهڻا خدشا پيدا ٿي رهيا آهن، غزا تي حملا ته ڪيترن ئي مهينن کان جاري آهن، ٽي ايل پي وارن کي هاڻي فلسطينين لاءِ همدردي ڇو ظاهر ٿي آهي، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ايل پي جا مطالبا ايترا وڏا ناهن، اهي تسليم ڪري سگهجن ٿا،جڏهن ته عمران خان بابت اهو چيو ويندو هو ته هُو نئون ڏينهن به جيل ۾ رهي نه سگهندو پر هن ڪيئي مهينا جيل ۾ گذاري ڇڏيا، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته عمران خان سان طاقتور ماڻهو مسلسل رابطي ۾ هئا ۽ منجهن ڳالهه ٻول هلندي رهي. شهباز شريف عمران خان کي ملندڙ عدالتي رليف ۽ ٽي ٽي ايل جي سعد رضوي جو فيض آباد اچڻ واري عمل کي حڪومت سان سازش  ۽ پاڻ سان ڊبل گيم سمجهي ٿو، هن ملڪي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ پنهنجي سياست داءُ تي لڳائي ڇڏي آهي ۽ پردي پٺيان ڪجهه ماڻهو نواز ليگ جون پاڙون ڪٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪا ڳالهه شهباز شريف به محسوس ورتي آهي جنهن سبب هن استعيفيٰ ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني. وزير اعظم جي مٿان دٻاءُ نه ته ايف بي آر وجهي سگهي ٿي ۽ نه ئي واپڊا، اصل ڳجهي ڪهاڻي عمران خان سان طاقتورن ماڻهن جون ٿيندڙ ڳالهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.