سياسي پارٽي تي بندش ۽ غداري ڪيس فضول ۽ آئين خلاف آهي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) تي پابندي بابت وفاقي حڪومت جي  اعلانيل فيصلي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. پ پ ذريعن موجب سينيئر اڳواڻن پنهنجي قيادت کي حڪومتي فيصلي جي کليل مخالفت ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو ته هو حڪومتي فيصلي جي حمايت نٿا ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي لڳائڻ جمهوري اصولن جي خلاف آهي، حڪومت کي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سياسي پارٽي تي پابندي لڳائڻ وارو قدم هميشه ناڪام رهيو آهي، اهڙي حرڪت کي تاريخ جي ڪچري ۾ اڇلايو ويو آهي. رضا رباني چيو ته اهڙي قدم سان سياسي انتشار وڌندو ۽ معيشت تباهه ٿيندي جڏهن ته وفاق تي به اثر پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت فل ڪورٽ جي فيصلي کان ناخوش آهي ته آئيني طريقي تي عمل ڪري نظرثاني درخواست داخل ڪري. پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اهڙن فيصلن سان سياسي بحران ۾ اضافو ٿيندو، حڪومت جي خود پيدا ڪيل بحران ۾ جمهوريت ۽ رياست پائيدار نه رهندي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ فرحت الله بابر سياسي پارٽي تي پابندي لڳائڻ واري ڳالهه کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. فرحت الله بابر حڪومت جي پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي واري فيصلي تي رد عمل ڏيندي چيو ته سياسي پارٽي تي پابندي لڳائڻ فضول آهي. هن چيو ته سياسي اڳواڻ خلاف غداري جو ڪيس به فضول آهي، سياسي پارٽي تي پابندي يا غداري جو ڪيس نٿو هلي سگهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) تي پابندي واري حڪومتي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جي شڪايت ڪندي چيو آهي ته اسان کي ان فيصلي جي خبر ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه حڪومت جي پي ٽي آءِ تي پابندي جي فيصلي کان لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان وانگر اسان به اهو ٻڌي ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪومت ان فيصلي تي اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ۽ نه ئي اسان کي خبر آهي، هاڻي اهي عدالتن جا فيصلا آهن، پوءِ ڏسون ته عدالت ڇا فيصلو ڪندي آهي. هن چيو ته اسان کي سياست ڪرڻ گهرجي، اهڙن ڳالهين سان مسئلا حل نه ٿيندا، ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ سڀني کي گڏجي ويهڻ گهرجي. پيپلز پارٽي جي ٻن سينيئر اڳواڻن جي برعڪس سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ فيصلي جي حمايت ڪندي چيو ته ان سموري صورتحال جو ذميوار پي ٽي آءِ جو باني آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته اڄ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو پي ٽي آءِ قيادت جي رويي ۽ انتهاپسند پاليسين سبب ٿيو آهي. هن چيو ته ان صورتحال جو ذميوار پي ٽي آءِ جو باني آهي، ڇاڪاڻ ته تشدد، انتهاپسندي ۽ فاشزم پاڪستان جي سياست سان گڏ نٿا هلي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.