پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ملڪ جي مقبول پارٽي تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو جعلي حڪومت جي خواهش کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.
پنهنجي بيان ۾ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاور چيو ته مينڊيٽ چورن جي حڪومت جا هوش خطا ٿي ويا آهن، مخصوص سيٽن تي فيصلي سان کين تڪليف ٿي رهي آهي؟
وڏي وزير چيو ته موجودا مينڊيٽ چور سرڪار ماضي ۾ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو هو، جعلي حڪومت کي پنهنجو خاتمو نظر اچي رهيو آهي، انڪري بيوقوفاڻا بيان ڏئي رها آهن.