ٽيسٽ ڊيبيو تي سينچري اسڪور ڪندڙ پهريون پاڪستاني بيٽر لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ۾ رهندڙ اڳوڻو پاڪستاني آل رائونڊر خالد عباد الله 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو .
خالد عباد الله 1964 کان 1967 تائين چئن ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ هو ٽيسٽ ڊيبيو تي سينچري اسڪور ڪندڙ پهريون پاڪستاني بيٽر هو. هن اِهو ڪارنامو 1964 ۾ آسٽريليا خلاف ڪراچي ۾ کيڏيل پهرئين ٽيسٽ ميچ ۾ انجام ڏنو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان خالد عباد الله جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي.
خالد عباد الله 20 ڊسمبر 1935 تي لاهور ۾ ڄائو، عباد الله انگلينڊ ۾ بلي جي نالي سان ڄاتو ويندو هو، هن ڊگهي عرصي تائين انگلش ڪائونٽس ورڪشائر جي نمائندگي پڻ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.