هنرمند نوجوان اسان جو سرمايو ۽ اثاثو آهن: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته اسان جو ويزن آهي ته صوبي جي هر نوجوان کي معاشي خودمختياري لاءِ هنرمند بڻايون.
نوجوانن جي مهارت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مريم نواز چيو آهي ته مهارت رکندڙ نوجوان اسان جو سرمايو ۽ اثاثو آهن.
هن چيو ته نوجوانن کي دنيا ۾ ترقي لاءِ گهربل صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ گهرجي.
مريم نواز وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت نوجوانن کي پروفيشنل ٽريننگ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.