اهم خبر، محمد حارث پاڪستان ٽيم جو ڪپتان مقرر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث کي پاڪستان شاهينز ( پاڪستان اي ) وائيٽ بال ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ٽيم ۾ شامل عثمان خان کي پاڪستان شاهينز ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، صاحبزادا فرحان جي قيادت ۾ پاڪستان شاهينز جي ٽيم گذريل ڏينهن آسٽريليا جي شهر ڊارون پهتي، پاڪستان بنگلاديش اي خلاف چئن ڏينهن واريون ٻه ميچون کيڏندو.
دوري دوران ٻه ون ڊي ميچون ۽ نوَ ٽيمن تي ٻڌل وائٽ بال سيريز به شيڊيول آهي، جنهن لاءِ پي سي بي پاڪستان شاهنز جي وائٽ بال ٽيم جو اعلان ڪندي محمد حارث کي ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
ان کانسواءِ شاهينز جي ريڊ بال ٽيم ۾ ست تبديليون ڪيون ويون آهن، ريڊ بال اسڪواڊ ۾ شامل ڪامران غلام، خرم شهزاد، مهراڻ ممتاز، محمد علي، مبصر خان، طيب طاهر ۽ عمر امين وائيٽبال ٽيم جو حصو نه هوندا.
سندن جاءِ تي عبدالفصيح، عرفات منهاس، عارف يعقوف، جهانداد خان، محمد حارث، محمد عمران جونيئر ۽ عثمان خان شامل آهن، عثمان خان آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 ۾ پاڪستاني اسڪواڊ جو حصو رهي چڪو آهي.
محمد حارث آخري دفعو گذريل سال ڪولمبو ۾ ايمرجنگ ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان شاهينز جي قيادت ڪئي هئي، سندس ڪپتاني ۾ پاڪستان فائنل ۾ ڀارت کي 128 رنسن تان شڪست ڏئي ٽائٽل جو ڪاميابيءَ سان دفاع ڪيو هو.
شاهين جون ون ڊي ميچون ترتيبوار 4 ۽ 6 آگسٽ تي ناردرن ٽيريٽري ۽ بنگلاديش اي خلاف ٿينديون، ان کان پوءِ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ نوَ آگسٽ کان شروع ٿيندي، جنهن ۾ نوَ ٽيمون شامل آهن.

PCB PakistanCricketTeam MHaris

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.