اسلام آباد(م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۾ جي يو آءِ سان اتحاد جي حوالي سان اتفاق راءِ موجود ناهي، فوج سميت سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾رهن، ملڪ جي دفاع تي پوري قوم فوج سان گڏ آهي پر سياسي معاملن ۾ مداخلت ان جي حلف جي ڀڃڪڙي آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عزم استحڪام پاڪستان آپريشن جي حوالي سان يڪسوئي موجود ناهي، عوام جي ذهنن ۾ گذريل آپريشنن جي حوالي سان اڳ ۾ ئي خدشا آهن،دهشت گردي خلاف جيترا آپريشن ٿيا آهن ان جي باوجود دهشت گردي وڌي وئي آهي، قوم کي اعتماد ناهي رهيو، ماڻهو پنهنجا گهر ٻار ڇو ڇڏيندا؟هن چيو ته وزيراعظم هائوس مان وضاحت باوجود ٻن صوبن ۾ پريشاني جي لهر پکڙيل آهي، عوام غيرمحفوظ آهي، ڇا رياست کي پنهنجي ذميوارين جو احساس آهي؟هن چيو ته اسان تي ڪاوڙ ڪئي وڃي ٿي ته رياستي ادارن جي ڪارڪردگي تي سوال ڇو ٿا اٿاريون؟ پر انهن کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪڏهن ٿيندو؟ هن چيو ته جي يو آءِ پاڪ چين لاڳاپن جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، انهن کي مضبوط کان مضبوط تر ڏسڻ چاهي ٿي، پر اسان اڃا تائين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ چين جو اعتماد بحال نه ڪري سگهياسين،هن چيو ته آمريڪي ايوان نمائندگان هن اليڪشن کي مشڪوڪ قرار ڏنو آهي، اسان جي راءِ اها آهي ته آمريڪا پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري پر پاڪستان جي رياست ڪٿي بيٺي آهي، ڇا اها قرارداد پاڪستان جي سفارتي ناڪامي ناهي؟ پرڏيهي پاليسي ڪٿي بيٺي آهي، هن چيو ته مرڪزي مجلس شوريٰ ڪنهن به اتحاد ۾ وڃڻ جي فيصلي کان بغير پنهنجي پليٽ فارم تان جدوجهد جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي البته رابطن جي عمل کي مثبت سياسي عمل تصور ڪيو ويندو، سياسي جماعتن ۾ گڏيل تعاون جو ماحول پيدا ٿئي ته ان جي آجيان ڪنداسين هن چيو ته اڄ وري افغانستان ۾ ڪارروائي جي ڳالهه ٿي رهي آهي اوهان نائن اليون کانپوءِ زميني ۽ هوائي اڏا آمريڪين حوالي ڪيا، 20 سالن تائين افغانستان تي اوهان جي سرزمين تي بمباري ٿيندي رهي اڄ وري دهشت گردي جي نالي تي هڪ وري ڀڀڪي هنئي اٿئو،پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشت گردي روڪڻ ۾ ته اوهان ناڪام ويا، هن چيو ته ڪي پي حڪومت جي فنڊن مان 10 سيڪڙو دهشت گردن کي ادا ڪيا ويا، رياست کان شهري اهو سوال ڪرڻ جو حق رکي ٿو ته ڇا توهان دهشت گردن جا سرپرست آهيو يا انهن سان مقابلو پيا ڪريو؟