مھانگائي ،بجلي بلن ۾واڌ خلاف جماعت اسلامي جو ملڪ گير احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان )  جماعت اسلامي سنڌ طرفان مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمان جي سڏ تي مھانگائي،بجلي بلن ۾ واڌ توڙي ناجائز  ٽيڪسن خلاف آچر ڏھاڙي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ،ٺٽو ،لاڙڪاڻو ، جيڪب آباد ، ٽنڊو محمد خان ، ڪشمور ،ڪنڌڪوٽ سميت ڪيترن ئي شھرن ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرا ۽ ڌرڻا ھنيا ويا. جنھن ۾ شريڪ ڪارڪنن مھانگائي ،بجلي بلن ۾ واڌ ۽ لوڊشيڊنگ  خلاف سخت نعري بازي ۽ ظالماڻا ٽيڪس واپس وٺڻ جي گهر ڪئي. احتجاجي مظاھرن ۽ ڌرڻين کي مرڪزي ،صوبائي ۽ ضلعي اڳواڻن خطاب ڪيو.جن جو چوڻ ھو ته حڪمرانن بجيٽ ۾ عوام کي ڪو رليف ڏيڻ بدران آئي ايم ايف جي اشارن تي بجلي بلن ۾ اضافو ۽ ظالماڻا ٽيڪس مڙھي عوام جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. 26 جولاءِ تي حڪومت جي عوام دشمن فيصلن خلاف حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ اسلام آباد ڊي چوڪ تي ڌرڻو عوام جي دلين جو آواز آھي . جماعت اسلامي عوام جي حقن  لاءِ روڊ تي نڪتل آھي.سخت گرمي باوجود ڪارڪن عوام جي بنيادي حقن لاءِ مظاھرا ڌرڻا ھڻي احتجاج ڪري رھيا آھن ۽ پر امن جدوجھد ذريعي حڪمرانن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪنداسين.جيڪب آباد پريس ڪلب تي ضلعي امير حاجي ديدار علي لاشاري جي قيادت ۾ ڌرڻو ھنيو ويو سخت گرمي باوجود ڪارڪنن ۾ زبردست جوش وخروش ھيو ان موقعي تي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ممتاز حسين سھتو خطاب ڪندي چيو ته ھن احتجاج ذريعي عوام حڪمرانن جي ظالماڻين پاليسن کي رد ڪري ڇڏيو آھي حڪمران عوام مٿان روزانو مھانگائي جي بمباري ڪرڻ بدران پھنجا شاھي خرچ ختم ۽ سادگي ۽ ڪفايت شعاري واري زندگي گذارين.وزيراعظم شهبازشريف واضح ڪري ته مٿس ڪنهن جو دٻاءُ آهي.عوام جي طاقت بدران خيرات ۽ چوردروازي مان ٺهيل حڪومت گهڻو دير نٿي هلي سگهي.ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو ڌرڻي کي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا خطاب ڪندي چيو ته حڪومت آئي ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي ٺاھيل بجيٽ عوام مٿان مسلط ڪئي آھي ۽ وڏي هٺ ڌرمي سان وزير اعظم ان جو فخريه انداز ۾ اعتراف به ٿو ڪري. عوام کي حقيقي آزادي امن ۽ خوشحالي لاءِ آءِ ايف  ۽ ان جي چاڙتن کان غلامي اڻٽرڻي وئي آھي.انڪري دور حاضر جي يزيدن جي خلاف نڪرڻ ته مام عالي مقام جي سنت آھي.ميرپور خاص ۾ سبزي منڊي چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو مقامي امير حاجي نور الاھي مغل، ٺٽي پريس ڪلب تي عبدالله آدم گندرو،لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪلب آڏو رميز راجا شيخ جي قيادت ۾ ڌرڻو ھنيو ويو.

لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي زير اهتمام سڄي  ملڪ ۾ بجلي مهانگي ۽ ڳرن ٽيڪسن خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. 26 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڌرڻو احتجاجي مظاهري ۾ واپاري تنظيمن، مزدور تنظيمن، شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن سميت وڏي انگ ۾ احتجاجي ڪئمپن سان گڏ بينر پڻ لڳايا ويا امير جماعت اسلامي  حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ اضافي ۽ ظالماڻن ٽيڪسن خلاف 26 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو، عوام دشمن بجيٽ، حڪومت کي بجلي جي اوڳاڙين ۽ ظالماڻي سليب سسٽم تي عوام کي رليف ڏيڻو پوندو، حڪمران آءِ ايم ايف جي حڪم تي بجلي جا بل وڌائي رهيا آهن، جڏهن ته پنجاب، ڪي پي،بلوچستان ۽ سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.