لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ٽئي فارميٽ کيڏندڙ قومي ڪرڪيٽرن لاءِ اين او سي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اين او سي پاليسي جو مقصد آل فارميٽ ڪرڪيٽرز کي انجريز ۽ ٿڪاوٽ کان محفوظ رکڻ آهي.
آل فارميٽ پليئرز لاءِ پاليسي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي، هيڊ ڪوچز ۽ انٽرنيشنل شعبي جي اجلاس ۾ طئي ڪئي وئي.
ٽئي فارميٽ کيڏندڙ ڪرڪيٽرز کي ليگز لاءِ اين او سي نه ڏيڻ جو امڪان آهي، ڇو ته ايندڙ سال مئي تائين پاڪستان کي نان اسٽاپ ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي.
لاڳيتو ڪرڪيٽ سبب اين او سي واري پاليسي وڌيڪ محدود ڪئي پئي وڃي ته جيئن آل فارميٽ کيڏندڙ ڪرڪيٽرز ٿڪاوٽ ۽ انجريز کان بچي سگهن.
پي سي بي جي پهرين تجريح ڀرپور سيزن لاءِ رانديگرن جي انجري کان محفوظ رکڻ ۽ ورڪ لوڊ مئنيجمينٽ ڪرڻ آهي، اهو ئي سبب آهي جو اين او سي جي پاليسي ۾ڦيرڦار ڪئي پئي وڃي.
ايندڙ مهيني بنگلاديش سيريز کان چيمپيئنز ٽرافي 2025 تائين پاڪستان ٽيم کي 9 ٽيسٽ، 14 ون ڊي ۽ 9 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻيون آهن.
نسيم شاهه کي به ان پاليسي تحت دي هنڊريڊ ليگ لاءِ اين او سي جاري ناهي ٿيو، گلوبل ٽي ٽوئنٽي لاءِ بابر اعظم، شاهين آفريدي ۽ محمد رضوان جا معاهدا ٿيل آهن، گلوبل ٽي ٽوئنٽي کي اڃا تائين آءِ سي سي وٽان منظوري نالي ملي.
آءِ سي سي جي منظور کانپوءِ پليئرز جي اين او سي جو معاملو غور هيٺ ايندو، گلوبل ٽي ٽوئٽي ليگ ڪئناڊا ۾ 25 جولاءِ کان 11 آگسٽ تائين شيڊيول آهي، پي سي بي جي پاليسي پي ايس ايل سان ٻن پرڏيهي ليگز کيڏڻ جي آهي.
Prev Post
You might also like