ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، ماهوار ٻه سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو واهپيدارن کي ٽن مهينن لاءِ اضافي کان آجو قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته باقي گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي جو بنيادي ٽيرف في يونٽ 7.12 رپين تائين وڌايو ويو آهي.
گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي جو في يونٽ بنيادي ٽيرف 48 رپيا 84 پئسن تائين پهچي ويو ، ماهوار 201 کان 300 يونٽ تائين جو ٽيرف 7.12 رپيا اضافي سان 34.26 رپيا، ماهوار 301 کان 400 يونٽ جو ٽيرف 7.02 رپيا واڌ بعد 39.15 رپيا ٿي ويو آهي.
ماهوار 401 کان 500 يونٽ جو ٽيرف 6.12 رپيا واڌ سان 41.36 رپيا، ماهوار 501 کان 600 يونٽ جو ٽيرف 6.12 رپيا اضفاي سان 42.78 رپيا، ماهوار 601 کان 700 يونٽ جو ٽيرف 6.12 رپيا اضافي سان 43.92 رپيا ۽ ماهوار 700 يونٽ کان وڌيڪ جو ٽيرف 6.12 رپيا اضافي سان 48.84 رپيا ٿي ويو.
ٽئڪس کي گڏائي ڪري سليب جي حساب سان في يونٽ ٽيرف جي قيمت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ماهوار 50 يونٽ تائين لائيف لائين واهپيدارن لاءِ هڪ يونٽ 3.95 رپيا ۽ ماهوار 51 کان 100 يونٽ تائين لائيف لائين واهپيدارن لاءِ هڪ يونٽ 7.74 رپيا هوندو.