صنم جاويد خلاف ايف آءِ اي جو ڪيس خارج، آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ڪارڪن صنم جاويد کي وفاقي جاچ ايجنسي ( ايف آءِ اي ) جي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي ڊيوٽي مئجسٽريٽ ملڪ عمران صنم جاويد جي رمانڊ تي محفوظ فيصلو ٻڌايو ۽ عدالت صنم جاويد جي وڪيلن جي ڪيس ۾ بريت جي درخواست منظور ڪري ورتي.
عدالت صنم جاويد کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، آزادي کانپوءِ صنم جاويد پنهنجي وڪيلن سان گڏ عدالت مان رواني ٿي وئي.
گذريل ڏينهن گرفتاري کانپوءِ ايف آءِ اي سائبر ڪرئم ونگ صنم جاويد کي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو هو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايف آءِ اي صنم جاويد کي گوجرانوالا جيل مان آزادي بعد ٻيهر گرفتاري ڪري ورتو هو .

SanamJaved FIA PTI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.