شاهه رخ ۽ رنوير سميت انت امباڻي هر دوست کي ڪروڙين رپين جي ماليت جا ڪهڙا تحفا ڏنا؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ٻه ڏينهن اڳ ڀارت جي امير ترين شخصيت مُڪيش امباڻي جي ننڍي پٽ اننت امباڻي جي شادي راڌيڪا مرچنٽ سان ٿي جيڪا اٽڪل سموري دنيا ۾ ڇانيل رهي.
ان شاديءَ بابت دلچسپ تفصيل هوريان هوريان منظرعام تي اچي رهيا آهن، شادي ۾ نه رڳو بالي ووڊ فنڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي پر هالي ووڊ اداڪارن ۽ راڳين به شادي ۾ شريڪ تي محفل سجائي.
عام طور جنهن جي شادي ٿيندي آهي ان کي تحفا ملندا آهن پر جيئن ته هن شادي جي هر ڳالهه نرالي آهي انڪري گهوٽ دوستن سميت بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ۽ رنوير سنگهه کي ريٽرن گفٽ ڏنا.
ڀارتي پاپارازي ڪجهه وڊيوز ۽ تصويرن شيئر ڪيون جڏهن ته ڀارتي ميڊيا جو چوڻ اهي ته اننت امباڻي ريٽرن گفٽ طور لميٽڊ ايڊيشن جون گهڙيون دوستن کي ڏنيون ۽ هڪ گهڙي جي قيمت ٻه ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.